انور شعور

انور شعور

انور شعور

انور شعور: مشھور شاعر ۽ صحافي انور شعور ولد اشفاق حسين خان جو جنم 11 اپريل 1943ع تي مڌيا پرديش (هندستان) جي شھر سيوني ۾ ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان ڪراچي لڏي آيو. ڪراچي يونيورسٽي مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. لکڻ جي شروعات اردو رسالن: ’انجمن ترقي‘، ’اخبار جھان‘ ۽ ’سب رنگ‘ کان ڪئي. سندس شاعري ’فنون‘، ’سويرا‘ ۽ ٻين رسالن ۾ پڻ شايع ٿيندي رهي آهي. ان کان علاوه موجوده حالتن بابت روزنامه ’جنگ‘ ۾ روزاني جي بنياد تي قطع نگاري سندس فن جو مکيه حوالو آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعن ۾ ’اندوخته‘ (2007ع)، ’مشق سخن‘ (1997ع)، ’مي رقصم‘، ’دل ڪا ڪيا رنگ ڪرون‘ ۽ ’ڪليات انور شعور‘ (2015ع) ڇپيل آهن. سندس علمي ادبي خدمتن عيوض کيس پرائيڊ آف پرفارمنس سان نوازيو ويو آهي.


لفظ انور شعورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.04.19  عيسوي

مشھور شاعر ۽ صحافي انور شعور ولد اشفاق حسين خان جو جنم 11 اپريل 1943ع تي مڌيا پرديش (هندستان) جي شھر سيوني ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اقبال شاهين
بچل
سيد باغن شاهه:
شبنم موتي
زاهد شيخ
حمايت علي شاعر
حاجي احمد بخش
رضوي سيد مظفر علي شاهه
اوڌوداس
مير محمد حسن علي خان ٽالپر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون